ايشيا جي جاگرافي

ايشيا جي جاگرافي

ايشيا جي جاگرافي

ايشيا جي جاگرافي (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ايشيا جي جاگرافيءَ بابت آهي، جنهن ۾ ملڪن جي پکيڙ، ايراضي، سامونڊي ڪنارا، ڦاٽ، ٻيٽ، مٿانهان پٽ، جبل، ميدان، رڻ پٽ، نديون، معدني پيدائش وغيره ڏنل آهن. هن ڪتاب جو ليکڪ بگو مل تلسيداس سجانسنگهاڻي آهي، جيڪو هاءِ اسڪول حيدرآباد جو اسسٽنٽ ماستر هو. هيءُ ڪتاب ايجوڪيشنل انسپيڪٽر صاحب طرفان منظور ڪيو ويو هو ۽ مرڪنٽائيل اسٽيم پريس، ڪراچيءَ مان 1912ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. 110 صفحن تي مشتمل ڪرائون سائيز جي پڪي جلد سان هن ڪتاب جي قيمت اٺ آنا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو